ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار راج ببر جي پٽ پرتيڪ پنهنجي نالي مان پيءُ جو نالو هٽائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پرتيڪ پنهنجي سرڳواسي ماءُ ۽ مشهور اداڪارا سميتا پاٽل کي ڀيٽا پيش ڪندي باضابطا طور تي پنهنجو نالو پرتيڪ سميتا پاٽل رکيو آهي، جنهن تي مداحن حيرانگيءَ جو اظهار ڪيو.
پرتيڪ ببر پنهنجي نالي مان ”ببر“ ختم ڪري سرڪاري طور تي ماءُ جو نالو شامل ڪيو آهي.
ان ڏس ۾ هن واضح ڪيو ته کيس ان جي نتيجن يا ڪنهن جي ردعمل جي ڪا به پرواهه نه آهي.
اداڪار پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ جو نالو به تبديل ڪري پرتيڪ سميتا پاٽل رکيو، جنهن تي مداحن ڳڻتي ظاهر ڪئي.
ياد رهي ته پرتيڪ ببر تازو پنهنجي شادي دوران ذاتي اختلافن سبب پيءُ کي شريڪ نه ڪيو هو، راج ببر جي غيرموجودگي بابت افواهن تي ڌيان نه ڏيندي، پرتيڪ ۽ سندس گهرواري پريا بينرجي ان معاملي تي خاموش رهيا.
شادي جي موقعي تي هن نه رڳو پنهنجي پيءُ پر ڀائرن ۽ ڀينرن کي به دعوت نه ڏني، جنهن سبب سندس نالو ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي بحث هيٺ رهيو.