ملڪ ۾ معمول کان گهٽ برساتون، ڏُڪار جو الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ملڪ ۾ معمول کان 62 سيڪڙو گهٽ برساتن سبب ڏڪار جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
پهرين سيپٽمبر 2024 کان 21 مارچ 2025 تائين معمول کان 40 سيڪڙو گهٽ برساتون ٿيون، جڏهن ته سنڌ ۾ معمول کان 62 سيڪڙو گهٽ ۽ بلوچستان ۾ معمول کان 52 سيڪڙو گهٽ برساتون رڪارڊ ٿيون.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ معمول کان 38 سيڪڙو گهٽ، خيبر پختونخواهه ۾ معمول کان 35 سيڪڙو گهٽ ۽ آزاد ڪشمير ۾ معمول کان 29 سيڪڙو گهٽ برساتون ٿيون.
موسميات کاتي موجب تازين برساتن سان وچين ۽ مٿانهن علائقن ۾ صورتحال ڪجهه بهتر ٿي، سنڌ، بلوچستان جي ڏکڻ حصن ۽ پنجاب جي اوڀر جابلو علائقن ۾ ڏڪار برقرار آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته تربيلا ۽ منگلا ڊيمن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته هلندڙ سال مارچ ۾ ڏکڻ علائقن ۾ گرمي پد معمول کان 2 کان 3 ڊگري وڌيڪ آهي.
موسميات کاتي موجب ڪجهه ڏکڻ علائقن ۾ مسلسل خشڪ ڏينهن جو انگ 200 کان به وڌي ويو آهي، ڏڪار وارن علائقن ۾ صورتحال وڌيڪ بگڙي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.