ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) ابو ظهبي کي پنهنجو هوم وينيو بڻائي ورتو.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ابو ظهبي ڪرڪيٽ اختيارين وچ ۾ 5 سالن جي معاهدي تي صحيحون ٿي ويون، جنهن تحت 2025 کان 2029 تائين افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جون ڪيمپون ۽ هوم ميچون ابو ظهبي ۾ ٿينديون.
معاهدي تحت اي سي بي گڏيل عرب امارتن جي مختلف اسٽيڊيمز ۾ ٻه طرفي سيريز جاري رکندو، جڏهن ته افغان ڪرڪيٽ بورڊ کي عالمي سطح تي پنهنجي سرگرمين کي وڌائڻ ۽ رانديگرن کي تربيت ڏيڻ لاءِ به مدد فراهم ڪئي ويندي.
You might also like