چيني وزيراعظم آمريڪا کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چيني وزيراعظم لي چيانگ آمريڪا سان ڳالهين ۽ گڏيل سهڪار جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن کي ڇڪتاڻ بدران گڏيل ترقي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
اهو بيان بيجنگ ۾ هڪ اهم اجلاس دوران سامهون آيو، جنهن ۾ آمريڪي ڪاروباري شخصيتون ۽ سينيٽر اسٽيو ڊينز شريڪ هو.
ڊينز کي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ويجهو اتحادي سمجهيو ويندو آهي ۽ ان جي تازي دوري کي چين ۽ آمريڪا ۾ لاڳاپن جي بهتري جي ڪوشش قرار ڏنو پيو وڃي.
لي چيانگ چيو ته اسان کي ڇڪتاڻ بدران ڳالهين ۽ گڏيل فائدي جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي.
چيني وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بيجنگ عالمي اقتصادي استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ آمريڪا کي به چين سان بهتر لاڳاپن لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.