ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو، جلسي، جلوس، احتجاج تي پابندي لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو، جنهن تحت شهر ۾ جلسي، جلوس، ريلي يا احتجاج تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو، گهرو کاتي جي درخواست تي ڪمشنر اها پابندي لاڳو ڪئي آهي، جنهن جو مقصد امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ آهي.
ڪمشنر جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شهر ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏجڻ تي پابندي هوندي.
قلم 144 لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پريس ڪلب جي ڀر ۾ ٻه روڊ ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.