(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار، فلمساز ۽ هدايتڪار راڪيش روشن انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن فلم ”خون ڀري مانگ“ لاءِ اداڪارا ريکا کي ڪاسٽ ڪرڻ بابت سوچي رهيو هو ته ڪيترن ئي ماڻهن کيس خبردار ڪيو هو ته هوءَ غير پيشيوراڻين عادتن سبب مناسب چونڊ نه هوندي.
راڪيش روشن ريکا کي ”خون ڀري مانگ“، ”خوبصورت“، ”اڪرمن“ ۽ ”عورت“ سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪاسٽ ڪري چڪو آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته کيس ريکا بابت چيو ويو هو ته هوءَ وقت جي پابند ناهي، شوٽنگ تي دير سان پهچندي آهي ۽ وقت کان اڳ هلي ويندي آهي، پر جڏهن ساڻس ڪم ڪيو ته اهي سڀ ڳالهيون غلط ثابت ٿيون.
راڪيش روشن ٻڌايو ته جڏهن هو خون ڀري مانگ لاءِ ريکا وٽ ويو ۽ کيس فلم جي ڪهاڻي ٻڌائي، ته ريکا کان پڇيو ته هوءَ شوٽنگ دوران تڪليف ته نه ڏيندي؟ جنهن تي ريکا حيران ٿيندي چيو ته ”نه! اوهان ڇا پيا چئو؟ ڇا مون ڪڏهن ائين ڪيو آهي؟“
هدايتڪار موجب، ريکا واضح ڪندي چيو ته ”مان رڳو انهن ماڻهن کي پريشان ڪندي آهيان، جيڪي معاوضي جي ادائيگي ۾ دير ڪندا آهن يا پنهنجي ڪيل واعدن تان ڦري ويندا آهن.“