لاهور (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف ٽِين ٽي ٽوئنٽي ۾ نوجوان بيٽر حسن نواز جي شاندار سينچري ۽ پاڪستان ٽيم جي فتح تي ٽيم مان ڊراپ ڪيل ڪرڪيٽر بابر اعظم ۽ محمد رضوان جو ردعمل اچي ويو.
جمعي ڏينهن پاڪستان پنج ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽِين ميچ ۾ ميزبان نيوزيلينڊ کي نوَ وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.
نيوزيلينڊ، پاڪستان کي 205 رنسن جو هدف ڏنو جيڪو گرين شرٽس حسن نواز جي تاريخي سينچري جي مدد سان 16 اوورن ۾ حاصل ڪري ورتو.
ان کانسواءِ حسن نواز بابر اعظم جو پاڪستان طرفان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين سينچري وارو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو.
بابر اعظم 2021ع ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 49 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي هئي.
حسن نواز آڪلينڊ ۾ کيڏيل ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ رڳو 44 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي، سندس شاندار اننگز ۾ 10 چوڪا ۽ 7 ڇڪا شامل هئا.
نوجوان بيٽر کي رڪارڊ ٽوڙ اننگز تي پاڪستان ون ڊي ٽيم جي ڪپتان محمد رضوان ۽ اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم به مبارڪباد ڏني.
محمد رضوان انسٽاگرام اسٽوري تي حسن نواز جي تصوير شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته ” حسن نواز ۽ قومي ٽيم شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪيو.“
ان کانسواءِ بابر اعظم به انسٽاگرام اسٽوري ذريعي محمد حارث جي تصوير پوسٽ ڪئي ۽ چيو ته ” اوهان تي ناز آهي.“
واضح رهي ته نيوزيلينڊ کي پنج ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان خلاف 1-2 جي سرسي حاصل آهي، سيريز جي چوٿين ميچ 23 مارچ، آچر جي ڏينهن مائونٽ مائونٽ مينگنوئي ۾ کيڏي ويندي.