لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالرن بال چمڪائڻ لاءِ ٿُڪ لڳائڻ واري عمل تان پابندي ختم ٿيڻ لاءِ سٺو سنئوڻ قرار ڏئي ڇڏيو.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪووڊ -19 جي دوران بال تي ٿُڪ لڳائڻ تي پابندي هنئي، جنهن سبب گذريل پنجن سالن کان فاسٽ بالر پگهر سان بال چمڪائڻ تي مجبور هئا.
هاڻي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ آءِ پي ايل ميچن لاءِ اِها پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي.
ان ڏس ۾ فاسٽ بالر نسيم شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پابندي سبب سڀئي بالر پگهر سان بال چمڪائيندا آهن، پر ٿُڪ سان بال تڪڙو چمڪندو آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اجازت ملي ٿي ته هڪ پاسي کان بال بهتر طريقي سان چمڪندو، پر ان سان گڏ سٺي بالنگ به ضروري آهي، ڇو ته رڳو بال چمڪائڻ سان بهترين بالنگ ناهي ٿيندي.
نسيم شاهه جو چوڻ هو ته پابندي ختم ٿيڻ سان ڪو وڏو فرق ته نه پوندو، پر ريورس سوئنگ لاءِ بال تيزيءَ سان پراڻو نه ٿيندو.
فاسٽ بولر محمد وسيم جونيئر چيو ته بال تي ٿُڪ لڳائڻ اسان لاءِ مددگار ثابت ٿيندو.
آل رائونڊر فهيم اشرف جو چوڻ هو ته ڪورونا وبا جي دوران پابندي لڳي، پر پگهر جي مقابلي ۾ ٿُڪ سان بال تڪڙو ۽ وڌيڪ چمڪندو آهي.
نوجوان فاسٽ بولر عاقف جاويد به هن فيصلي کي هاڪاري قرار ڏيندي چيو ته پابندي سبب بالرن کي ڏکيائي پيش اچي رهي هئي، هاڻي جيڪڏهن اجازت ملي ٿي ته بالرن کي مدد ملندي ۽ ريورس سوئنگ به بهتر ٿيندي.
You might also like