رتوديرو(پ ر )21 مارچ شهيد مقصود خان قريشي، شهيد نوجوان سلمان وڌو جي شہادت جي ڏهاڙي تي رتوديرو ۾ سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ ڪينالن خلاف ريلي ڪڍي شهر جي مُک ﷲ واري چونڪ تي جلسو ڪري شھيدن کي ڀيٽا ڏني وئي، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جو وفاق ۾ الڳ موقف آهي ته سنڌ ۾ ٻيو موقف آهي، هنن درياھ تي سودو ڪري اقتدار حاصل ڪيو آهي، پر درياءُ مٿان ڪو به ڪينال يا ڊيم برداشت نه ڪنداسين، وقت جي حڪمرانن جو گهيراءُ ڪنداسين، درياءُ تي سنڌ جو حق آهي درياھ کي بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪنداسين، جلسي کي جسقم مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام خطاب ڪندي چيو ته سڄي سنڌ درياھ جي دانھ بڻجي سنڌ جي روڊن تي نڪري پئي آهي، سنڌو درياھ مٿان ڪينال ٺاهڻ سنڌ کي سُڪائن ۽ تباھ ڪرڻ جي سازش آهي، جلسي کي جسقم مرڪزي اڳواڻ مومن سمون خطاب ڪندي چيو ته درياھ سنڌ جو جياپو آهي، درياءُ تي وار سنڌ برداشت نه ڪندي، جلسي کي جسقم ضلعي جنرل سيڪريٽري يعقوب عارباڻي، آصف اوڍو، بشير جتوئي جساف اڳواڻ انصار چنو، روشن علي جويو ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته شهيدن جي مزار تي مُک تقريب ٿيندي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مومن سمون، ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو، آصف رضا مگسي جي اڳواڻي ۾ جي اڳواڻي ۾ شهيد بشير خان قريشي، شهيد نوجوان سلمان وڌو حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪيو.