اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ عيد ۽ بهار جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو ، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
تعليم واري وفاقي وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، تعليمي ادارا 31 مارچ کان 4 اپريل تائين بند رهندا.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 7 اپريل کان وفاقي تعليمي ادارن ۾ نئون تعليمي سال شروع ٿيندو.
You might also like