راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت راولپنڊي مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جي غيرحاضري تي سندس ضمانت خارج ڪري ڇڏي.
مخالف ڌر جي اڳواڻ سميت ٻين جوابدارن خلاف صدر حسن ابدال ٿاڻي ۾ 24 ۽ 26 نومبر تي ٿيل احتجاج بابت ڪيس داخل آهن.
عمر ايوب خان ان بابت بيان ڏيندي چيو ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت راولپنڊي منهنجي ضمانت رد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته حسن ابدال واري ايف آءِ آر ۾ به منهنجي ضمانت منسوخ ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته مونکي الزام هيٺ آندو پيو وڃي ته مون ٽرڪ جي اسڪرين ٽوڙي ۽ بسڪٽ چوري ڪيا، هي حڪومت جي پي ٽي آءِ خلاف روئي جو هڪ مثال آهي، جڏهن ته حقيقت هي آهي ته مان واقعي واري هنڌ موجود ئي نه هئس.
You might also like