مصطفيٰ قتل ڪيس: ارمغان پاران عدالت ۾ اعتراف جي خواهش ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت مصطفيٰ قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان جي جسماني رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. لکت ۾ حڪم نامي ۾ چيو ويو ته جوابدار عدالت ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ چاهي ٿو. جوابدار پنهنجي پيءُ طرفان آندل وڪيل خرم عباس کي پنهنجو وڪيل مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته پيءُ سان سندس ڪو واسطو ناهي. ان کان اڳ جوابدار جي پيءُ ڪامران قريشي عدالت ۾ گوڙ ڪيو جنهن تي جج جي هدايت تيپوليس اهلڪار کيس ٻاهر وٺي ويا. ارمغان پيءُ سان ملاقات کان به انڪار ڪيو هو. صحافين جي داخلا پڻ بند روڪي وئي هئي. ان کان اڳ صحافي کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس ۾ به ارمغان جي جسماني رمانڊ ۾ 24 مارچ تائين واڌ ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.