ڪراچي (م ڊ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ملڪ ۾ صورتحال ڳنڀير ٿي چڪي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ بدامني مسلسل وڌي رهي آهي. هن افغانستان سان ڳالهين لاءِ جماعت اسلامي جون خدمتون پيش ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هن چيو ته اسان کي افغانستان خلاف جنگ نه وڙهڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اسان ان کي برداشت نٿا ڪري سگهون. بلوچستان ۾ به ماڻهن جي مينڊيٽ جي خلاف ماڻهن کي مڙهيو ويو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪمران دعويٰ ڪري رهيا آهن ته مهانگائي جي شرح گهٽجي وئي آهي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. هن پيپلز پارٽي تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ طرف اها ڪينالن خلاف اجلاس ڪري رهي آهي ۽ ٻئي طرف پاڻ به هن منصوبي جو حصو آهي. هن مطالبو ڪيو ته سڀني صوبن جي پاڻي جي ڪوٽا کي منصفانه طور تي ورهايو وڃي.