ملير (ڊ ر) سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني واضح ڪيو ته سنڌو درياهه تي ڇهه ڪينال ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.شاهراهه ڀٽو جو دورو ڪرڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته ڪئنالن جو معاملو سنڌ جو نه پنجاب جي ماڻهن لاءِ به مسئلو آهي، احتجاج کانسواءِ ٻيا به رستا هوندا آهن. پنجاب ۾ به پاڻي جي کوٽ آهي پوءِ هي ڪهڙي پنجاب جو پاڻي ڪڍندا ۽ کڻي ويندا؟ هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال ڌار معاملا آهن، وفاقي وزير سنڌ حڪومت سان ويهي حل ڪن، ڪنهن منصوبي تي اتفاق نه ٿئي ته ان کي نه ٺاهيو وڃي.