سون اگهه ۾ تاريخي واڌ، بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سون جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2 هزار 550 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 17 هزار 350 رپين جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
ايسوسئييشن موجب، ڏهه گرام سون 2 هزار 186 رپيا واڌ بعد 2 لک 72 هزار 76 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 25 ڊالر اضافي کانپوءِ 3 هزار 22 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.