حڪومت جو ڳورهاري عورتن لاءِ مالي مدد جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت ”آغوش پروگرام“ تحت تازن ڄاول ٻارن جي مائرن ۽ ڳورهاري عورتن کي 23 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، پهرئين مرحلي ۾ ڊيرا غازي خان، راجن پور، رحيم يار خان ۽ ميانوالي سميت صوبي جي 13 ضلعن کي شامل ڪيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اها امدادي رقم ڳورهاري عورتن کي مسلسل طبي معائنن لاءِ ملندي، جيڪا ٻار جي پيدائش تائين جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.