ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن ڀارت ۾ هڪ سال ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندڙ شخصيت بڻجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اميتاڀ بچن ڀارت جي سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندڙن شخصيتن ۾ شامل ٿيندي شاهه رخ خان کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
اميتاڀ بچن جي هڪ سال جي سمورن ذريعن مان آمدني 350 ڪروڙ رپيا آهي، جيڪا فلمي دنيا ۾ ڪنهن به فرد جي سڀ کان وڏي آمدني آهي.
ليجنڊ اداڪار سال 2024-25 ۾ 350 ڪروڙ رپيا ڪمايا، جنهن سبب هو انڊسٽري ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ادڪارن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو، جڏهن ته هن 120 ڪروڙ رپين جو ٽيڪس ادا ڪيو.
بالي ووڊ شهنشاهه جي آمدني بابت ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته وڏين فلمن کان وٺي مشهور برانڊن تائين، هو پهرين ترجيح بڻيل آهي، جڏهن ته ”ڪون بڻيگا ڪرورپتي“ پروگرام جي ميزباني به سندس مقبوليت جو وڏو سبب آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، اميتاڀ بچن 15 مارچ تي پنهنجي ايڊوانس ٽيڪس ادائيگي 52 ڏهائي 50 ڪروڙ رپيا ڪئي جيڪا سندس مالي ذميواري نڀائڻ جو ثبوت آهي.
رپورٽ موجب، اميتاڀ بچن ڪيئي ماڻهن لاءِ رول ماڊل بڻجي چڪو آهي، جيڪو پنهنجو ٽيڪس وقت تي ادا ڪري ٿو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداڪار 2 ارب 73 ڪروڙ 74 لک 96 هزار 590 رپين جي مالي اثاثن جو مالڪ آهي، وٽس 55 ڪروڙ رپين جا زيور ۽ 16 مختلف ماڊلن جون گاڏيون آهن، جن جي مجموعي ماليت 17 ڏهائي 66 ڪروڙ رپيا آهي.
You might also like