هن وقت هڙئي کاتا ٻين طاقتن جي هٿ ۾ آهن: جج طاهر سپرا جا رمارڪس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج طاهر سپرا رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته هن وقت سڀئي کاتا ٻين قوتن جي هٿ ۾ آهن.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ ايم پي اي علي شاهه جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ڪيس جو پراسيڪيوٽر ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران جج طاهر سپرا پڇاڻو ڪيو ته ڇا پوليس اڄ به رڪارڊ پيش نه ڪندي؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته جاچ آفيسر منڊي بهاوالدين ۾ آهي ۽ واپس ناهي آيو، عدالت کي ايڪشن وٺڻ گهرجي.
جج رمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ تائين سمجهي نه سگهيون آهيان ته پراسيڪيوشن جي ذميواري ڇا آهي؟ چالان عدالت ۾ پيش ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي، پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته جيستائين چالان اسان وٽ نه ايندو اسان جي ڪا به ذميواري ناهي.
جج سوال ڪيو ته جيڪڏهن جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿو ٿئي ته ان جي ذميواري ڪنهن جي آهي؟
هن چيو ته اسلام آباد جا پراسيڪيوٽر سمجهن ٿا ته هو ججن جي برابر آهن، جيڪڏهن پوليس کي نوٽيس ڏئي سگهان ٿو ته اوهان کي به ڏئي سگهان ٿو.
جج طاهر سپرا وڌيڪ چيو ته اسان سڀ غير معمولي حالتن مان گذري رهيا آهيون، سڀئي کاتا ٻين قوتن جي هٿ هيٺ آهن، سڀاڻي صبح تائين ڏسئون ٿا ته رڪارڊ اچي ويندو.
عدالت رمارڪس ڏنا ته اوهان کي معاشري ۾ انصاف کي يقيني بڻائڻ لاءِ پگهار ملي ٿي.
ان کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.