شاهين جو پهريون اوور ميڊن ٻئي ۾ چار ڇڪا، پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ به شڪست

ڊونيڊن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٻي ميچ ۾ به پاڪستان کي شڪست ڏئي 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
برسات سبب متاثر ميچ في اننگز 15 اوورن تائين محدود ڪئي وئي، ميچ ۾ پاڪستان پهريان کيڏندي 9 وڪيٽن تي 135 رنسون ٺاهيون.
پاڪستاني اوپنرز هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ثابت ٿيا، حسن نواز کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، جڏهن ته محمد حارث 11، خوشدل شاهه 2، جهانداد خان ٻڙي ۽ عرفان خان نيازي 11 رنز ٺاهي سگهيا.
ڪپتان آغا سلمان 46 رنسن ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته شاداب خان 26 ۽ شاهين آفريدي 22 رنسون ٺاهيون.
نيوزيلينڊ طرفان ايش سوڌي، جيڪب ڊفي، بين سيئرز، جيمز نيشم ۽ مائيڪل بريسويل 2-2 وڪيٽون ورتيون.
پاڪستان طرفان مليل 136 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ، اوپنرن جارحاڻي شروعات ڪئي سبب رڳو 13.1 اوورن ۾ هدف حاصل ڪري ورتو.
ٽم سيفرٽ 22 بالن تي 45 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، سندس اننگز ۾ 5 ڇڪا ۽ 3 چوڪا شامل هئا، فن ايلن 38 جي تيز اننگز کيڏي ٻنهي اوپنرن وچ ۾ 66 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي، مارڪ چيمپين 1 ۽ جيمي نيشم 5 رنز تي پويلين موٽي ويا.
ڪيوي بيٽر ميچل هي 21 ۽ ڪپتان مائيڪل بريسويل 5 رنز ٺاهي ٽيم کي فتح ڏياري.
ٽِم سيفرٽ کي شاندار بيٽنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
پاڪستان طرفان حارث رئوف 2، جڏهن ته محمد علي، خوشدل شاهه ۽ جهانداد خان 1-1 حاصل ڪئي.
نيوزيلينڊ پنجن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 0-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان نوَ وڪيٽن تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.