پي ٽي آءِ جو سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ عمران خان جي آزادي جو مطالبو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پنهنجي باني کي پرول تي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته عمران خان سان صلاح مشوري کانسواءِ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي ويندي.
پريس ڪانفرنس دوران تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي مرڪزي قيادت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
سڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته هن وقت ڪنهن به آپريشن جي حمايت نٿا ڪريون، جڏهن ته قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي مشاورت کانسواءِ پارٽي ڪيئن ڪو فيصلو ڪري سگهي ٿي؟
ٻئي پاسي قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ وزيراعظم، آرمي چيف ۽ اهم سياسي توڙي عسڪري قيادت شرڪت ڪري رهي آهي.
اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کانسواءِ ڪنهن به اجلاس جي ڪا اهميت نه هوندي، اسان هن غير آئيني وزيراعظم جي دعوت تي ڪيئن وڃون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.