ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سڀ کان ڊگهي قد وارو شخص نصير سومرو لاڏاڻو ڪري ويو.
نصير سومرو جي ڀاءُ رياض سومرو موجب، 55 ورهين جو نصير سومرو ڪيترن ئي مهينن کان ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا هو ۽ سندس علاج گهر ۾ جاري هو.
هن ٻڌايو ته نصير سومرو اڄ شڪارپور ۾دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس جنازي نماز سڀاڻي صبح شڪارپور ۾ ادا ڪئي ويندي.
واضح رهي ته نصير سومرو جو قد 7 فٽ 9 انچ هو، جنهن سبب کيس دنيا جي ڊگهن قد وارن ماڻهن ۾ شمار ڪيو ويندو هو، قد آور هجڻ سبب کيس قومي ايئرلائن ۾ ملازمت پڻ ڏني وئي هئي.
You might also like