آمريڪا ۾ 17 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، 5 ڄڻا اجل جو شڪار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر آسٽن ۾ ٽرڪ سميت 17 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيون ۽ حادثي ۾ 5 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب انٽر اسٽيٽ 35 تي پيش آيل حادثي ۾ 11 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا.
پوليس ٻڌايو ته 37 ورهين جي ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن خلاف نشي جي حالت ۾ 5 ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته زخمي ڪرڻ جو به الزام لڳايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.