ايران ۾ رت جو مينهن، ماڻهو وائڙا ٿي ويا!

ايران ۾ تازو پوندڙ برسات سبب هڪ اهڙو قدرتي واقعو پيش آيو، جنهن سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.
ايران ۾ تيز برسات سان سمنڊ ڳاڙهو ٿيڻ جون وڊيوز ڏسي ماڻهو تجسس ۾ پئجي ويا ۽ ڪجهه خوفزده به ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن ان کي ”رت جو مينهن“ قرار ڏنو.
هڪ ٽور گائيڊ ذريعي انسٽاگرام تي شيئر ڪيل وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته برسات جو پاڻي زمين جي ڳاڙهي مٽي کي سمنڊ ۾ منتقل ڪري رهيو آهي، جنهن سبب هڪ عجيب منظر پيدا ٿئي ٿو، ڳاڙهي مٽي برسات جي پاڻي سان گڏجي سمنڊ ۾ داخل ٿي وڃي ٿي ۽ سمنڊ ڳاڙهو ٿي وڃي ٿو.
ويڊيو تي ڪيپشن لکيو ويو ته هرمز جي مشهور ريڊ بيچ تي تيز برسات شروع ٿي وئي آهي ۽ سياح لطف اندوز ٿي رهيا آهن.
ان واقعي جون وڊيوز وائرل ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي ماڻهن مختلف تبصرا ڪيا، هڪ واهپيدار لکيو ته خدا جو شان آهي، ڇا خوبصورتي آهي، بي شڪ خدا ٻنهي جهانن جو بهترين مصور آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.