واٽس ايپ گروپ چيٽ لاءِ اهم فيچر اچي ويو، ڪم ڪئين ڪندو؟

هونئن ته اڄڪلهه گهڻي قدر ڪمپنين طرفان پنهنجي سروسز ۾ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي ( اي آءِ) ٽولز ۽ فيچرز کي شامل ڪرڻ تي وڌيڪ ڪيو پيو وڃي پر واٽس ايپ مختلف رستو اختيار ڪندي پيغام رسائيندڙ ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن کي ڪيئي ورهين بعد سڀ کان ڪارائتي اَپ ڊيٽ قرار ڏئي سگهجي ٿو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ پنهنجي اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ بيٽا بيٽا ورجن ۾ هڪ نئون فيچر آزمائي رهيو آهي، جيڪو گروپ چيٽ ۾ پيغامن جي جوابن کي ٿريڊ جي صورت ۾ ڏيکارڻ جي سهولت ڏيندو.
هاڻي جڏهن واهپيدار ڪنهن پيغام جو جواب ڏيندو ته اهو الڳ الڳ نظر اچڻ بدران ٿريڊ جي صورت ظاهر ٿيندو.
نئين فيچر سان گروپ چيٽ ۾ مخصوص پيغام جا جواب هڪ ئي جاءِ تي نظر ايندا، جنهن سان ڪنهن به چيٽ کي ڳولڻ سولو بڻجي ويندو.
هن وقت واٽس ايپ تي جڏهن ڪو واهپيدار ڪنهن پيغام تي جواب ڏئي ٿو ته اهو الڳ پيغام طور ظاهر ٿئي ٿو، جنهن سبب تيز رفتاري سان هلندڙ گروپ چيٽس ۾ مخصوص جواب ڳولڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي.
هي فيچر خاص طور تي وڏين گروپ چيٽس لاءِ تمام ڪارائتو ثابت ٿيندو، جتي مختلف ميمبرن جا پيغام گڏيل ترتيب سان نظر ايندا ۽ ڳولڻ جو عمل آسان ٿيندو.
جيتوڻيڪ هي فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ موجود آهي، پر امڪان آهي ته واٽس ايپ جلد ئي ان کي سڀني واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.