” سعودي عورتن جا خواب حقيقت جو روپ ڌاري رهيا آهن، ائين ڪنهن به ملڪ ۾ ناهي ٿيو“

شهزادي لميا چيو آهي ته سعودي عرب گذريل ڪجهه سالن دوران وڏي تبديليءَ واري سفر مان گذري رهيو آهي، خاص طور تي عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي حوالي سان ساراهڻ جوڳا قدم کنيا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ”ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين“ جي اجلاس دوران شهزادي لميا بنت ماجد آل سعود سعودي عرب جي صنفي اڻبرابري بابت اڳڀرائي ۽ مستقبل جي ويزن کي ساراهيو.
هلندڙ سال 69هين اجلاس جي صدارت سعودي عرب ڪئي، ان موقعي تي شهزادي لميا چيو ته سعودي عورتن کي تعليم، روزگار ۽ ٻين شعبن ۾ غيرمعمولي موقعا ملي رهيا آهن، جن بابت پهريان سوچي به نه سگهندا هئاسين.
هن چيو ته سعودي عرب جي عورتن لاءِ هاڻي سمورا در کليل آهن، جنهن قسم جا موقعا، تربيت ۽ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي، اهو سڀ ڪجهه حيرت جوڳو آهي.
سندس چوڻ هو ته هي اسان جو وقت آهي، هاڻي اسان وٽ موقعو آهي، ان کي وڃائڻ جي ڪابه گنجائش ناهي.
شهزادي لميا چيو ته سعودي عرب عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تيزيءَ سان قدم کنيا آهن ۽ اهو سلسلو جاري رهڻ ضروري آهي.
هن يورپ ۽ آمريڪا سان ڀيٽ ڪندي چيو ته اسان تمام جلدي ترقي ڪئي آهي، پر اسان گهڻي ڪري ڇڏي ، ان ڪري تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهيون.
هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب هڪ اهڙي تبديلي مان گذري رهيو آهي، جيڪو دنيا ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ تصور ڪرڻ به مشڪل آهي، اهو هڪ خواب جيان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.