ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا انڪيتا لوکنڊي بالي ووڊ انڊسٽري ۾ موجود اهڙي ڪاري رڍن کي وائکو ڪيو آهي جيڪي ”ڏيو ۽ وٺو “ جي نالي تي عزتن سان هٿ چراند ڪندا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، انڪيتا لوکنڊي هڪ انٽرويوءَ دوران انڪشاف ڪيو ته کيس به پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ڪاسٽنگ ڪائوچ جي آڇ ٿي ۽ غيراخلاقي رويا ڀوڳڻا پيا .
اداڪارا ٻڌايو ته انڊسٽريءَ جا ڪجهه بااثر ماڻهو نون اداڪارن کي ڪردار ڏيڻ جي عيوض ۾ غيراخلاقي لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.
هن ڪنهن جو نالو وٺڻ بنا ٻڌايو ته هڪ ناليواري ۽ وڏي هدايتڪار کيس فلم ۾ ڪردار ڏيڻ جي بدلي ۾ رات گڏ گذارڻ لاءِ چيو هو.
انڪيتا وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هن اِها آڇ کي رد ڪئي ته سندس لاءِ ڏکيائيون وڌي ويون ۽ انڊسٽريءَ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سان مقابلو ڪرڻو پيو.
Next Post
You might also like