فلسطينين کي غزا مان ڪڍڻ وارو مامرو، ٽرمپ وڏو بيان ڏئي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ڪو به فلسطنين کي غزه مان بيدخل ناهي ڪري رهيو.
اوول آفيس ۾ آئرلينڊ جي وزيراعظم سان ملاقات دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪنهن کي به غزه ڇڏڻ تي مجبور نه پيو ڪيو وڃي.
ٻئي پاسي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس آمريڪي صدر جي بيان جي آجيان ڪئي آهي.
گذريل مهيني، ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان گڏ وائٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته آمريڪا غزه تي قبضو ڪري ان جو مالڪ بڻجندو، جنهن جو مقصد علائقي ۾ استحڪام آڻڻ ۽ هزارين نوڪريون پيدا ڪرڻ هوندو.
ان بيان تي مسلم ملڪن سان گڏ چين، روس ۽ يورپي ملڪن سميت سڄي دنيا مان سخت ردعمل آيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻ آمريڪي صدر پنهنجو موقف نرم ڪندي وضاحت پيش ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.