” مان انگ انگ بدلائي سگهان ٿي“ عليزي سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا، وڊيو وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل عليزي شاهه دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ پنهنجو مڪمل جسم به تبديل ڪرائڻ کان نه ڪيٻائي.
خوبرو اداڪارا انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪندي لکيو ”روزو رکي منهنجي اسٽوري ڏسڻ جو ڇا مطلب آهي؟“
پر ان کان اڳ سوشل ميڊيا تي سندس هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هن بي باڪي سان پنهنجا خيال ظاهر ڪندي ٻڌو ويو.
وڊيو ۾ هن چيو”مون کي لڳي ٿو ته مان بي ڊپي آهيان ۽ هاڻي ڪجهه به ڪري سگهان ٿي.“
اداڪارا وڌيڪ چيو”مان پنهنجي باڊي به تبديل ڪري سگهان ٿي.“
وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن سخت ردعمل ظاهر ڪيو.
هڪ واهپيدار لکيو”جڏهن الله جسم تبديل ڪندو، تڏهن ئي ڊپ ۽ خوف ختم ٿيندو.“
ٻئي واهپيدار مائيڪل جيڪسن جو حوالو ڏيندي لکيو”مائيڪل جيڪسن جا لفظ ياد رکجان.“
واضح رهي ته مائيڪل جيڪسن اُها شخصيت هئي، جنهن 150 سالن تائين جيئڻ جي خواهش ڪئي هئي، پر هو رڳو 50 ورهين جي عمر ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.