”سون لڪائڻ جا طريقا يوٽيوب تان سکيا“ڀارتي اداڪارا جا انڪشاف

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) 14 ڪلوگرام کان وڌيڪ سون جي سمگلنگ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڀارتي اداڪارا رانيا رائو پڇا ڳاڇا دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هن سون لڪائڻ جا طريقا يوٽيوب تان سکيا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنڙا فلمن جي اداڪارا رانيا رائو کي 12 ڪروڙ 56 لک ڀارتي رپين جي ماليت جي 14.2 ڪلوگرام سون سمگل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو.
جاچ اداري ڊائريڪٽوريٽ آف روينيو انٽيليجنس (ڊي آر آءِ) طرفان پڇا ڳاڇا دوران اداڪارا ٻڌايو ته هن کي دبئي هوائي اڏي جي ٽرمينل ٿري جي گيٽ اي تان سون کڻڻ لاءِ انٽرنيٽ ذريعي ڪال آئي هئي.
اداڪارا جو چوڻ آهي ته سفر کان ٻه هفتا اڳ ئي پرڏيهي نمبرن تان ڪالون اچي رهيون هيون، جنهن کانپوءِ هن پهريون ڀيرو سون سمگل ڪيو.
اداڪارا موجب، هوائي اڏي جي ڊائننگ لائونج ۾ هڪ اڻڄاتل همراهه کان ٻه پيڪٽ مليا هئا، جڏهن ته سون لڪائڻ جا طريقا هن يوٽيوب تان سکيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هوائي اڏي تي رانيا رائو اڻڄاتل شخص کان سون وٺڻ کانپوءِ اِهو واش روم کڻي وئي.
ان کانپوءِ، هن ڪپڙن ۾ سون ٽيپ سان چنبڙائي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته جوتن ۽ کيسن ۾ به سون جا ننڍا ٽڪرا لڪايا هئا.
رانيا رائو فلم مانيڪا ۾ ڪنڙا سپر اسٽار سديپ جي هيروئن جو ڪردار ادا ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.