ناديا حسين جو مڙس جي گرفتاري بابت بيان، آن لائين ٺڳيءَ جو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ۽ ماڊل ناديا حسين آن لائين ٺڳي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جو انڪشاف هن 12 مارچ تي انسٽاگرام تي پنهنجي وڊيو بيان ذريعي ڪيو، هن فراڊ ڪندڙ شخص سان ٿيل چيٽس ۽ آڊيو پڻ شئير ڪيا.
ناديا حسين موجب، هن کان 3 ڪروڙ رپيا رشوت طلب ڪئي وئي، جڏهن ته فراڊ ڪندڙ شخص پاڻ کي ايف آءِ اي جو آفيسر ڄاڻايو.
ماڊل جو چوڻ هو ته سندس مڙس عاطف محمد خان کي مالي فراڊ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس ضمانت لاءِ ايف آءِ اي آفيسر بڻجي ڪنهن ماڻهوءَ وڏي رقم جو مطالبو ڪيو.
اسڪرين شاٽس موجب، فراڊ ڪالر ناديا حسين کي چيو ته”توهان جي مڙس سان سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن، رقم منتقل ڪريو.“
ان دوران ڪالر ناديا حسين کي هيسائڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته ” هي ڳالهه ٻولههه رڳو اسان ٻنهي جي وچ ۾ رهڻ گهرجي.“
پنهنجي وڊيو بيان ۾ ناديا حسين چيو ته”توهان مان ڪيترائي ماڻهو منهنجي مڙس جي گرفتاري تي منهنجي ردعمل جو انتظار ڪري رهيا هئا.“
هن وڌيڪ چيو ته ”اهو صحيح آهي ته منهنجو مڙس اڃا تائين ايف آءِ اي جي حراست ۾ آهي، پر رڳو جاچ لاءِ. جيڪڏهن فراڊ جي ڳالهه ڪجي ته ڇا سيڪيورٽي عملو سمهي پيو هو، جو سندن سامهون ايترو وڏو فراڊ ٿي ويو؟“
ماڊل جو چوڻ هو ته منهنجو مڙس حراست ۾ آهي، پر پُرسڪون آهي، ايف آءِ اي سندس خيال رکيو آهي ۽ هو اُتي خيريت سان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.