اڳوڻو ڀارتي ڪپتان راهول ڊريوڊ بيساکين جي سهاري اسٽيڊيم پهتو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
راهول ڊريوڊ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرڪيٽ ميچ دوران انجري جو شڪار ٿيو هو، جنهن کانپوءِ کيس بيساکين جو سهارو وٺڻو پيو. طبيعت ۾ آهستي آهستي بهتري اچي رهي آهي، پر ان باوجود هن آءِ پي ايل فرنچائز راجسٿان رائلز جي پري سيزن ڪئمپ ۾ شرڪت ڪئي.
راجسٿان رائلز سوشل ميڊيا تي راهول ڊريوڊ جي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس بيساکين تي هلندي ڪئمپ ۾ ايندي ڏسي سگهجي ٿو.
پنهنجي انجري باوجود، راهول ڊريوڊ ڪئمپ ۾ ڀرپور حصو ورتو، رانديگرن جي پريڪٽس جو غور سان جائزو ورتو ۽ نون رانديگرن کي ٽِپس پڻ ڏنا.