ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو .
سنڌ اسيمبلي جو خاص اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي اسپيڪر اسيمبلي پينل آف چيئرمين جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ قاسم سومرو، عبد الوسيم، ندا کهڙو سميت چئن ميمبرن جو اعلان ڪيو ويو.
پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ النجار اسپيڪر کان اڄوڪي ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن کي منظور ڪيو ويو.
اجلاس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو.
ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڄام خان شورو چيو ته هي هڪ اهم ۽ تفصيلي ٺهراءُ آهي، جيڪو ليڊر آف دي هائوس پيش ڪيو آهي.
سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي مسئلي تي انتهائي حساس آهن ۽ پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي.
ڄام خان شورو وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن ڪالا باغ ڊيم کي هميشه لاءِ رد ڪيو، محترمه بينظير ڀٽو ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو هو، جڏهن ته قائم علي شاهه ۽ نثار کهڙو ٿل ڪئنال خلاف ٻه ٺهراءُ پيش ڪيا هئا.
هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه پاڻي جي مسئلي تي سنڌ جو موقف واضح رکيو آهي.
سندس چوڻ هو آصف علي زرداري 18هين ترميم منظور ڪرائي صوبن کي خودمختاري ڏني، جڏهن ته پيپلز پارٽي جي مخالفت باوجود ارسا جلال پور ڪئنال جي منظوري ڏني.
نثار کهڙو پنهنجي تقرير دوران چيو ته ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اسان کان غلطي ٿي وئي جو اسان هن اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ڪئي؟
هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، نون ڪئنالن ڪڍڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو.
جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته پيپلز پارٽي کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳي ويو، بار بار وضاحت جي ضرورت ڇو پيش اچي ٿي؟
هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي پيپلز پارٽي حمايت ڪئي هئي، پر هاڻي چولستان ڪئنال کي به ان جو حصو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ اڳ ئي پاڻي کوٽ جو شڪار آهي.
اجلاس دوران مختلف پارٽين جي اڳواڻن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ سنڌ جي پاڻي حقن جي تحفظ لاءِ حڪمت عملي تي زور ڏنو.
سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش، مختلف جماعتن جي حمايت
You might also like