سون اگهه ۾ يڪدم وڏي واڌ، سوين رپيا مهانگو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو وري وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون 2800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 9 هزار 300 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسئييشن موجب، ڏهه گرام سون 2400 رپيا واڌ سان 2 لک 65 هزار 174 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 27 ڊالر چاڙهه بعد 2 هزار 9 سئو 42 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.