ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ ماڊل اُروِشِي روٽيلا مهانگي ترين گاڏي خريد ڪري سڀني ڀارتي اداڪارائن کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اروشي روٽيلا رولز رائس ڪلينن خريد ڪئي آهي، جنهن جي ماليت 12 ڪروڙ ڀارتي رپيا (41 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) آهي.
اِها گاڏي مُڪيش امباڻي، شاهه رخ خان، الو ارجن ۽ اجي ديوگن سميت ٻين مرد شخصيتن وٽ آهي، پر اروشي رولز رائس ڪلينن خريد ڪندڙ پهرين ڀارتي اداڪارا بڻجي وئي، ان کان اڳ ڪنهن به اداڪارا وٽ هيءَ ڪار نه هئي.
اروشي روٽيلا پنهنجي نئين گاڏي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ کيس گاڏيءَ مان لهندي ۽ ٻيهر ويهندي ڏسي سگهجي ٿو.
You might also like