چيني وزيراعظم سي پيڪ رٿائن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان پهچندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊونگ چيو آهي ته ايندڙ مهيني چين جو وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪندو، جنهن دوران پاڪ-چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي منصوبن جو جائزو ورتو ويندو.
انسٽيٽيوٽ آف اسٽرٽيجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آءِ ايس ايس آءِ) ۾ هڪ سيمينار دوران چيني سفير جيانگ زيڊونگ چيو ته آءِ ايس ايس آءِ جي تقريب ۾ شرڪت ڪري خوشي ٿي، تقريب دوران پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي ڀرپور نموني اجاگر ڪيو ويو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي مضبوط آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقياتي منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
چيني سفير جو چوڻ هو ته تقريب ۾ پاڪستان-چين لاڳاپن، سيڪيورٽي صورتحال ۽ سي پيڪ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
هن چيو ته پاڪستان جو وزيراعظم ۽ صدر چين جو سرڪاري دورو ڪري چڪا آهن، جڏهن ته اپريل ۾ چين جو وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪندو.
جيانگ زيڊونگ جو وڌيڪ چوڻ هو ته چيني وزيراعظم جي دوري دوران پاڪ-چين اقتصادي راهداري ( سي پيڪ ) سميت مختلف شعبن جو جائزو ورتو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.