لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل ) جي فرنچائز ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سرفراز احمد کي ٽيم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي مالڪ نديم عمر سرفراز احمد جي مقرريءَ جو اعلان ڪيو.
واضح رهي ته پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي ڊرافٽ کان اڳ ڪوئيٽا جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي پهريون ڀيرو ٽيم مان رليز ڪيو ويو هو.
ان کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز هڪ ڀيرو چيمپيئن بڻائيندڙ سرفراز احمد کي پي ايس ايل 10 جي ڊرافٽس ۾ شامل ڪيو ويو پر اتي ڪنهن ٽيم کيس خريدڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري.
You might also like