سنڌو مان ڪئنالن جو معاملو سنڌ واسين جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي: بلاول

اسلام آباد (بيورو رپورٽ/م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نون ڪئنالن بابت فيصلي تي سنڌ کي سخت خدشا آهن، پاڻي جو مسئلو سنڌ جي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي، ان معاملي تي گڏيل فيصلا ڪرڻ گهرجن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  بلاول ڀٽو چيو ته صدر آصف علي زرداري پارليامينٽ ۾ تاريخي خطاب ڪيو، پهريون ڀيرو ڪنهن سول صدر اٺون دفعو پارليامينٽ سان خطاب ڪيو. هن چيو ته صدر نفرت بدران اميد جي ڳالهه ڪئي، هڪ پاسي صدر جو خطاب هو ته ٻئي پاسي اپوزيشن جو رويو جيڪو سڀني جي سامهون آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر وفاق جو چونڊيل آئيني عهديدار آهي، زرداري صاحب پوري قوم جي مسئلن تي ڳالهايو. نون ڪئنالن بابت فيصلي تي سنڌ کي سخت خدشا آهن، اهڙي معاملي تي گڏيل فيصلا ٿيڻ گهرجن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هر اسيمبلي جي اجلاس ۾ پاڻي جي مسئلي کي اٿاريندا رهيا آهيون، اِهو چوڻ ته پيپلزپارٽي ان معاملي تي خاموش رهي آهي نسورو ڪوڙ آهي. هن چيو ته هي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو معاملو آهي. هن چيو ته پاڻي جو مسئلو هڪ سنگين مسئلو آهي ۽ سنڌ جي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال آهي، جيڪڏهن درياهه جي آخري ڇيڙي تي رهندڙ ماڻهن کي حق نه ڏينداسين ته پوءِ پنهنجو ڪيس ڪيئن وڙهنداسين؟  ڊيلٽا ۾ رهندڙ ن کي حق ڏيڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان وزيراعظم طرفان رات جي ڊنر تي سندس ٿورائتا آهيون، اتي سياست بابت به ڳالهيون ٿيون. معيشيت بابت هاڪاري اشارا اچي رهيا آهن، جنهن پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، اسان پنهنجا خدشا وزيراعظم جي سامهون رکيا، اميد آهي ته ڳالهيون جاري رهنديون. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته هن ڪڏهن به نه ڏٺو آهي ته ڪا صوبائي حڪومت عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري. هن خيبرپختونخوا ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو ذڪر ڪندي چيو ته اتي صورتحال بگڙي رهي آهي پر وڏي وزير کي ان جي ڪا پرواهه ناهي، وفاق جي به ذميواري آهي ته خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي جي معاملي تي پاڻ نوٽيس وٺي. بلاول چيو ته مخالف ڌر پاران صرف "قيدي 420” جي آزادي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته اصل مسئلن تي توجهه نٿي ڏني پئي وڃي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪينالن جي معاملي تي گڏيل مفادن جي ڪائونسل جو اجلاس هڪ سال کان ناهي ٿيو. چيئرمين پيپلز پارٽي چيو ته گرين پاڪستان منصوبو دراصل پيپلز پارٽي جي تجويز هئي. پاڻي جي مسئلي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته پيپلز پارٽي ئي اڪيلي جماعت آهي جنهن هن مسئلي کي لڳاتار اجاگر ڪيو آهي. 27 ڊسمبر تي گڙھي خدا بخش ۾ پڻ هن مسئلي کي اُٿااريو ويو، ۽ هر قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي سڀني ميمبرن آواز بلند ڪيو. نواب يوسف ٽالپر پنهنجي آخري تقرير ۾ ويل چيئر تي اچي ڪري هن مسئلي کي اجاگر ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.