اسلام آباد (اعزاز سيد) اتحادي حڪومت هوندي پيپلزپارٽي وزارتن ۾ شامل ناهي ۽ حصيدار ناهي. صدر ان پارٽي مان آهي ۽ هن چيو ته ڪئنالن واري فيصلي کي هڪ طرفي طور تي نه مڃينداسين. آصف علي زرداري حڪمران اتحاد ۾ جنگ جو گهنڊ وڄائي ڇڏيو آهي. بنيادي طور تي اعتراض کيس ايس آءِ ايف سي تي آهي، ايس آءِ ايف سي جي ويب سائيٽ موجب ان جا 2 سربراهه آهن، هڪ وزيراعظم ۽ ٻيو آرمي چيف. ايس آءِ ايف سي هن وقت پارليامينٽ ۽ ڪابينا کان مٿانهون ادارو بڻجي چڪو آهي. آصف علي زرداري اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائي نٿو سگهي ان ڪري هن نالو نه ورتو. ٻئي پاسي سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف وڏي تحريڪ شروع ٿي چڪي آهي، قومپرست پارٽيون اڳتي نڪري چڪيون آهن، اعتراض اهو آهي ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي کوٽ آهي ۽ ايس آءِ ايف سي جي گرين انيشيئيٽو تحت 6 ڪئنال ڪڍي چولستان کي آباد ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي هاڻي محسوس ڪيو ته اسان ته پوئتي رهجي وياسين ته پوءِ آصف علي زرداري خطاب ڪري ڇڏيو ته جيئن سنڌ جي رهواسين کي اهو نظر اچي ته اوهان جي نمائنده جماعت اسان ئي آهيون. ٻي ڳالهه هن اها ظاهر ڪئي ته اسان اصولن تي مخالفت ڪندا آهيون، ٽئين ڳالهه اها ته هن حڪومت کان وٿي ڪري ورتي آهي. آرمي چيف ۽ ٻيا سروسز چيف اجلاس ۾ نه آيا. آرمي چيف اصل ۾ اڍائي وڳي ايوان صدر ويو هو ۽ آصف علي زرداري 3 وڳي آيو هو. صدر ۽ آرمي چيف جي ملاقات ٿي ۽ اطلاعن موجب هن آصف علي زرداري جو خطاب ايوان صدر ۾ ويٺي ئي ٻڌو. گذريل ڀيري به صدر خطاب ڪيو هو ته آرمي چيف نه آيو هو. سندس نه اچڻ جو سبب اهو آهي ته پي ٽي آءِ احتجاج ڪندي آهي. طريقيڪار اهو آهي ته وڏو وزير ايس آءِ ايف سي کي خط لکي اعتراض ڪري پر پيپلزپارٽي اهڙو ڪو خط ناهي لکيو. سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ آندو وڃي، پارليامينٽ ۾ ڳالهايو وڃي ته اهو سمجهيو ويندو ته سنجيدگي سان ورتو وڃي ٿو نه ته سندن ڳالهين ۽ خطاب وارو احتجاج ته ڪنهن رڪارڊ تي ناهي. پيپلزپارٽي کي خبر آهي ته اهي ڪئنال سنڌ حڪومت نه پر سائين وارا ڪڍي رهيا آهن ۽ انهن سان ڪهڙي حد تائين وڃڻو آهي اها کين خبر آهي. ان جي ڪري آصف علي زرداري پنهنجي ساک به بچائي رهيو آهي ڳالهائي رهيو آهي. صدر جيڪا ڳالهه ڪئي ان تي حڪمران اتحاد ڪهڙو رد عمل ڏئي ٿو ان تي ڪجهه ڏينهن ۾ خبر پوندي.