پرائز بانڊ رکندڙن لاءِ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرائز بانڊ رکڻ وارن لاءِ وڏي خبر اچي وئي، حڪومت طرفان اهڙا پرائز بانڊ متعارف ڪرايا پيا وڃن، جن جي ڏيتي ليتي موبائل ايپ ذريعي ڪئي ويندي.
حڪومت جلد ڊجيٽل پرائز بانڊ متعارف ڪرائڻ واري آهي، جيڪي موبائل ايپ ذريعي خريد ڪري سگهبا ۽ انهن کي منظم ڪيو ويندو.
ڊيجيٽل بانڊ چوري، گمشدگي ۽ فراڊ جي خطري کي گهٽائڻ سان گڏ معيشت ۾ شفافيت ۽ لاڳت ۾ گهٽتائي آڻيندا. جن خريد ۽ وڪري توڻي انعامي رقم جي ادائيگي وڌيڪ آسان ۽ اثرائتي هوندي.
بانڊ خريد ڪرڻ وقت لاڳاپيل بينڪ يا نيشنل سيوينگز اڪائونٽ ۾ جمع ڪيا ويندا.
بانڊز تي زڪوات کان ڇوٽ حاصل هوندي پر انهن تي ملندڙ انعامي رقم تي ٽيڪس لاڳو ٿيندو.
شروعاتي طور، 500، 1000، 5000 ۽ 10000 رپين جا ڊجيٽل پرائز بانڊ متعارف ڪرايا ويندا، جيڪي 18 سالن کان وڌي عمر وارا شهري نيشنل سيوينگز ايپ يا لاڳاپيل پليٽ فارمن تان خريد ڪري سگهندا.
خريداري جي ادائيگي لاڳاپيل بينڪ اڪائونٽ يا سي ڊي اين ايس بچت اڪائونٽ ذريعي ڪئي ويندي، جڏهن ته ادائيگي ۽ انعامي رقم سڌو سنئون بينڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ويندي.
ڊجيٽل پرائز بانڊز جو ڪڻو هر ٽئين مهيني نڪرندو ۽ شيڊيول جو هر سال جي شروعات ۾ سي ڊي اين ايس طرفان اعلان ڪيو ويندو.
خريداري وقت بانڊ جو مالڪ ڪنهن به نامزد شخص جو تعين ڪري سگهي ٿو، جنهن کي بعد ۾ تبديل يا رد ڪرڻ جي سهولت پڻ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.