ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ موجوده گرميءَ جي لهر سڀاڻي تائين برقرار رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ سڀاڻي به گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃن جو امڪان آهي، جڏهن ته اڄ ڏينهن دوران گرمي پد 39.1 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهيو.
اڱاري کان پوءِ ايندڙ 4 کان 5 ڏينهن دوران گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، اڱاري کانپوءِ سامونڊي هوائون مڪمل بحال ٿيڻ سبب ڪراچيءَ جي موسم ۾ بهتري ايندي، جڏهن ته ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن دوران برسات جو ڪو امڪان ناهي.
Next Post
You might also like