دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ڀارت جي فتح تي ڀارتي ليجنڊري بيٽر سنيِل گواسڪر خوشيءَ وچان ميدان تي نچڻ لڳو .
اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾ جهمر هڻي ٽيم جي ڪاميابي جو جشن ملهايو.
ٻئي پاسي ڀارتي بيٽر ويرات ڪوهلي به فتح کانپوءِ پنهنجي زال، بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما وٽ ويو، جتي ٻنهي هڪ ٻئي کي ڪاميابي جي واڌايون ڏنيون.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن دبئي ۾ کيڏيل آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.
نيوزيلينڊ طرفان ڀارت کي 252 رنز جو هدف ڏنو ويو هو، جيڪو ڀارتي ٽيم 6 وڪيٽن جي نقصان تي، 6 بالن اڳ ئي حاصل ڪري ورتو.
Prev Post
You might also like