ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان ڇو نه آئي؟ پانڊيا جواب ڏئي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي آل رائونڊر هاردِڪ پانڊيا چيمپيئنز ٽرافي 2025 لاءِ ڀارتي ٽيم جو پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پانڊيا چيو ته پاڪستان نه وڃڻ جو فيصلو سندس اختيار کان ٻاهر هو، اميد آهي ته پاڪستاني سپورٽرن فائنل ۽ ڀارت جي انجواءِ ڪئي هوندي.
پانڊيا چيمپيئنز ٽرافي جي فتح کي هڪ اڻپورو خواب قرار ڏيندي چيو ته” هي خواب هاڻي پورو ٿيو آهي.“
ڀارتي آل رائونڊر 2017 واري چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل ۾ شڪست کي ياد ڪندي چيو اٺ سال هڪ ڊگهو عرصو ٿئي ٿو، پر هن ڀيري فائنل کٽڻ کانپوءِ سڄي ڀارت ۾ جشن جو ماحول هوندو.
هن فتح کي قوم جي نالي ڪندي چيو ته اڄ ڀارت خوش هوندو.
پانڊيا ننڍپڻ جو دلچسپ قصو ٻڌائيندي چيوته هو ننڍپڻ ۾ ڪينيا جو مداح لڳندو هو، تنهنڪري ڪينيا جي ڪرڪيٽ ٽيم کيس پنهنجو حمايتي قرار ڏنو هو.
سندس چوڻ هو جڏهن ته ستن ورهين جو هو ته ڪينيا جي ٽيم جي ويجهو وڃڻ جي ڪوش ڪئي پر سيڪيورٽي گارڊ، پر ڪينيا جي رانديگرن هن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ” پنهنجو لڳي ٿو، کيس نه روڪيو،“
دبئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پنهنجن ڊگهن ڇڪن بابت ڳالهائيندي پانڊيا چيو ته ” ميدان ۾ اها ئي ڪارڪردگي نظر ايندي آهي، جنهن تي پريڪٽس دوران ڌيان ۽ محنت ڪئي وئي هجي.“
هن پنهنجن وڏن ڇڪن واري راز تان پردو کڻندي چيو ته ساهه هوريان کڻو، بال کي ويجهو کان ڏسو ۽ جيڪڏهن جرئت آهي ته پوري طاقت سان بيٽ گهمايو يقينن بال بائونڊري لائين پار ڪري ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.