سنڌ جو نامور اديب، دانشور، جج، سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ استاد مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو 8 آگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ ۾ ڄائو. شاگردي واري دؤر کان ئي سياست ۾ سرگرم رهيو. پرائمري قمبر ۽ سيڪنڊري لاڙڪاڻي مان ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪراچي مان پاس ڪيائين.
ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مسلم ليگ، ڪميونسٽ پارٽي، جيئي سنڌ، سنڌ هاري ڪميٽي ، نعپ، پيپلز پارٽي سميت سنڌ عوامي اتحاد کان وٺي جيڪا تحريڪ سنڌ جي ڀلي ۽ آجپي لاءِ هئي، انهيءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو. ايشيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي باني ميمبرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. هن لاڙڪاڻي واري اوطاق، سنڌ ۽ هند جي مشهور اوطاق تي سنڌي ادبي سنگت جو اجلاس ڪوٺرايو، ادب وسيلي انقلاب جي ان تحريڪ روشني جو پهريون ڪرڻو لاڙڪاڻي ۾ مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي اوطاق تان اڀريو ۽ پوءِ پوري سنڌ ۾ پکڙجي ويو.
قيام پاڪستان کان اڳ سنڌي مسلمانن جي واحد اخبار ’الوحيد‘ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر رهيو، جنهن مسلمانن ۾ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ انگريز راڄ جي خلاف اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڻ قائد اعظم محمد علي جناح جي انگريزي اخبار ڊان جو سب ايڊيٽر پڻ رهيو. لاڙڪاڻي جي سنڌي ۽ اردو اديبن کي ويجهو ڪرڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيائين ۽ انجمن ترقي پسند منصفين لاڙڪاڻي شاخ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. لاڙڪاڻي جي تاريخ ۾ اهو ئي سبب آهي جو انجمن ترقي پسند منصفين اردو جي عمارت ۾ جيڪا لائبريري قائم ڪيائين ان جو نالو شاهه عبداللطيف ڀٽائي رکيائين.
لاڙڪاڻي جي تاريخ جي سڀ کان وڏي سنڌ جي لائبريري سر شاهنواز ڀٽو ميموريل لائبريري جي بنياد به مرحوم ڪامريڊ تاج محمد ابڙو رکرايو . جتي هزارن جي تعداد ۾ اڄ به شاگرد اديب ۽ دانشور فيضياب ٿي رهيا آهن. هي لاڙڪاڻي شهر جي ڀر سان بقاپور يونين ڪائونسل جو چيئرمين به رهيو، ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي نيوز ڪاسٽر طور به ڪم ڪيائين ته گڏوگڏ قمبر هاءِ اسڪول ۾ انگريزي استاد جي حيثيت سان به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنائين.
هن خان عبدالولي خان، عطاءَ الله مينگل، مير غوث بخش خان بزنجو، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، مخدوم طالب الموليٰ، حاڪم علي زرداري ۽ ٻين ملڪ جي ناميارن سياستدانن سان ڪلهوڪلهي سان ملائي سياست ڪئي وڏيرا شاهي جي اثر رسوخ رکندڙ ضلعي جيڪب آباد ۾ شيخ المجيد سنڌي، قاضي فيض محمد، جي ايم سيد، غلام محمد لغاري جن جي مدد سان ضلعي ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد وڌو، انهي سلسلي ۾ صدر ايوب خان جي مقابلي ۾ مرڪزي اسيمبلي ۾ هن فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو.
سندس ذاتي لائبريري ۾ هزارين ڪتاب آهن ۽ سنڌ جي وڏين لائبريرين ۾ شمار ڪئي ٿي ويئي. سندس اولاد سنڌ جي وڏن اديبن جي صلاح تي لائبريري جا ڪتاب سر شاهنواز ڀٽو لائبريري ۽ سنڌ جي عظيم درسگاهه سنڌالاجي کي عطئي طور ڏنا ۽ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي نالي پويان سنڌالاجي ۾ هڪ الڳ ڪارنر قائم ڪيو ويو آهي، جتي سندن يادگار ڦوٽو ملڪ جي وڏي سياسي شخصيتن سان ميوزيم ۾ سجائي رکيا ويا آهن.