ڪراچي: گهر جي ڇت ڪِرڻ سان 6 ڇوڪريون فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سان هڪ ئي خاندان جون 6 ڇوڪريون فوت ٿي ويون.
گلشن معمار افغان بستي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي، فوت ٿيندڙ ڇوڪرين ۾ 8 ورهين جي ايشال، 8 ورهين جي ڪائنات، 7 ورهين جي نسرين، 3 ورهين جي عائشا، 9 ورهين جي سانوديه ۽ 15 ورهين جي سعديه شامل آهن.
پوليس موجب حادثي ۾ 4 ڄڻا زخمي به ٿيا، حادثي جو شڪار ٿيل گهر ۾ مهمان آيل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.