زڪوات کاتو ختم ڪرڻ جو اعلان

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي صوبائي زڪوات کاتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪوئيٽا مان جاري ڪيل بيان ۾ سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جو زڪوات کاتو هر سال 30 ڪروڙ رپيا حقدارن ۾ ورهائيندو آهي، ان رقم جي ورهاست لاءِ کاتي جا ساليانو هڪ ارب 60 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا آهن.
هن چيو ته 30 ڪروڙ رپين جي ورهاست لاءِ کاتي وٽ 80 گاڏيون آهن، گذريل ٻن سالن کان حقدارن ۾ زڪوات جي رقم ناهي ورهائي وئي.
سندس چوڻ هو ته 30 ڪروڙ رپين جي رقم ڊپٽي ڪمشنرن ذريعي غريبن ۾ ورهائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.