گمبٽ (ويب ڊيسڪ) پيءَ کي جگر ڏيندڙ 20 ورهين جي ڊونر ڌيءُ زندگي جي جنگ هارائي وئي.
گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ جگر جي پيوندڪاري لاءِ پنجاب جي علائقي شجاع آباد جي رهواسڻ 20 ورهين جي مقدس آپريشن ڪرايو پر هوءَ نه بچي سگهي.
وارثن الزام هنيو آهي ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب مقدس فوت ٿي وئي، سندس حالت خراب ٿيڻ تي ڊاڪٽر چوندا رهيا ته هوءَ ٺيڪ ٿي ويندي پر رات ٻي وڳي فون ڪري چيو ويو ته ڇوڪري کي کڻي وڃو، ڌيءَ جي موت جو ٻڌي بيمار پيءَ جي طبعيت ويتر خراب ٿيڻ لڳي آهي.
هوڏانهن گمس اسپتال جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش چيو ته واقعي جو علم ناهي، تفصيل وٺي موقف ڏيندس، 200 آپريشنز مان هڪ ڪيس اهڙو ٿي ويندو آهي.
Prev Post
You might also like