ممبئي (ويب ڊيسڪ) شيو سينا اڳواڻ ۽ مهاراشٽرا ۾ وزير گلاب رائو پٽيل عورتن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي لپ اسٽڪ سان گڏ پنهنجي حفاظت لاءِ خنجر ۽ مرچ جو پائوڊر به کڻن.
ڀارتي ميڊيا موجب مهاراشٽرا رياست ۾ اڄڪلهه تمام گهڻا واقعا پيش اچي رهيا آهن، ان حوالي سان ڀارتي وزير چيو ته مان عورتن کي درخواست ڪندس ته اهي پنهنجي حفاظت لاءِ لپ اسٽڪ سان گڏ خنجر ۽ مرچ جو پائونڊر به کڻن.
هن تازو 26 ورهين جي ڇوڪري جي ريپ جو حوالو ڏيندي چيو ته عورتن خلاف ڏوهه وڌيا آهن.
You might also like