لاهور (ويب ڊيسڪ) صحافين لاءِ وڏي خبر اچي وئي، جرنسلٽ سپورٽ فنڊز جي رقم 5 ڪروڙن مان وڌائي 10 ڪروڙ رپيا ڪئي وئي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري جي صدارت هيٺ جرنلسٽ سپورٽ فنڊز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مريم نواز جرنلسٽ انڊونمينٽ فنڊز جي رقم ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي.
هن ٻڌايو ته اها رقم 5 ڪروڙن مان وڌائي 10 ڪروڙ ڪئي وئي آهي، گڏوگڏ صحافين لاءِ جلد همت ڪارڊ ۽ هيلٿ ڪارڊ جو پراسيس مڪمل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته مريم نواز صحافين جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، صحافي برادري جي مسئلن جو حل پنجاب حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
You might also like