لاهور (ويب ڊيسڪ) عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنجاب ۾ ڏير ڀاڄائي جي غيرت جي نالي تي قتل ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي شهر ڀلوال ۾ هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي غيرت جي نالي تي ڏير ڀاڄائي کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب جوابدار عورت کي فون تي ڳالهائيندي ڏسي باهه ڏئي ڇڏي، عورت کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو پر هوءَ نه بچي سگهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا جي پيءَ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، عورت جي 3 سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ کيس 6 مهينن جي هڪ ٻارڙي به آهي.
You might also like