دبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي فيصلائتي ميچ سڀاڻي دبئي ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.
ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جون ٽيمون ٽرافيءَ جي جنگ لاءِ سڀاڻي آمهون سامهون ٿينديون، دبئي ۾ فيصلائتي دنگل لاءِ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر مڪمل طور تيار ۽ شوقين پرجوش آهن.
ميچ پاڪستاني وقت موجب منجهند ٻي وڳي شروع ٿيندي، ڀارتي ٽيم روهت شرما جي قيادت ۾ ميدان ۾ لهندي، جڏهن ته ڪيوي ٽيم جي ڪپتاني مچل سينٽنر ڪندو.
ٽورنامينٽ ۾ ڀارت جي ٽيم ناقابل شڪست آهي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ٽيم هڪ ئي ميچ ۾ شڪست کاڌي آهي اها به ڀارت کان.
You might also like